اجنتا جون غارون

اجنتا جون غارون

اجنتا جون غارون

اجنتا جون غارون: مهاراشٽر رياست (ڀارت) جي اورنگ آباد ضلعي جي اجنتا ڳوٺ ۾ ٻڌن جون جبلن کي ٽُڪي ٺاهيل غارون، جيڪي خانقاهن ۽ عبادتگاهن طور استعمال ٿينديون هيون. هيءَ غارون اورنگ آباد کان 105 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر - اوڀر طرف آهن. هنن غارن جو اهم سلسلو لڳ ڀڳ پهرين صدي (ق. م) کان ستين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي جو آهي. هيءَ غار ۽ مندر سخت ٽڪرين کي ٽُڪي ٺاهيا ويا هئا، مندرن جي ڀتين تي مهاتما ٻُڌ جي زندگيءَ بابت ڪيتريون تصويرون ٺهيل آهن، جن کي اوڀر جي مصوريءَ جي فن جو شاهڪار سڏجي ٿو. اهي چٽساليون، مهاتما ٻڌ جي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي اجاگر ڪن ٿيون، اهي مندر ڪيترين صدين تائين مٽيءَ جي تهن ۾ ڍڪيل رهيا. انهن غارن جو سڀ کان اول چون ٿا ته جي. فرگوسن 1743ع ۾ انهن قديم آثارن جو پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. انهن غارن جو تعداد 301 آهي، جن مان ڪن غارن ۾ چترڪاريءَ جا خوبصورت نمونا ملن ٿا، ڪن ۾ ٻڌ ڀڪشوئن جي رهائش هوندي آهي.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ajanta_Caves


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0100.00.00  قبلِ مسيح

هنن غارن جو اهم سلسلو لڳ ڀڳ پهرين صدي ( ق . م ) کان ستين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي جو آهي .



قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽ پراڻي
اونگر
اگهاماڻو-اگهم ڪوٽ
الھڏنو نل بازار
اروڙ الور
آدم شاھه جي ٽڪري
انگهه دڙو
بي ستون
اَمراڻو
آسيلي
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون